ڀارتي رياست هرياڻا سان واسطو رکندڙ اداڪاره 30 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي۔
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪاره ديويانڪا سروهي هڪ سوشل ميڊيا انفلوئنسر ۽ هرياڻوي اداڪاره هئي، جيڪا اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب حياتي وڃائي ويٺي۔
اداكاره 50 کان وڌيڪ ميوزڪ وڊيوز ۾ ڪم ڪري چڪي هئي، جن ۾ ڳائڻي معصوم شرما سان گڏ ڪيترائي پروجيڪٽس به شامل آهن۔
هن جا مشهور گانا “چورا جاٽاڪا”، “جهيل سي آنکھ”، “بٽيو هريانے تي” ۽ “گينگسٽر ڪي جان” سميت ٻيا ڪيترائي گانا شامل آهن۔
اداكاره جي وفات تي سندس مداحن پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي۔


