اسلام ڪوٽ جو ڊگري ڪاليج ”سائينداد ساند“ جي نالي سان منسوب

2 Min Read

ٿرپارڪر (رپورٽ: ايل جي راٺوڙ ) تعليم کاتي طرفان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج اسلام ڪوٽ کي نامياري استاد ۽ شاعر پروفيسر سائينداد ساند جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي۔

گذريل سال کان روڪيل عمل هاڻي مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد باضابطه طور ڪاليج کي ”سائينداد ساند ڊگري ڪاليج اسلام ڪوٽ“  جو نالو ڏنو ويو آهي۔

پروفيسر سائينداد ساند جي نالي سان اداري کي منسوب ڪرڻ تي سندس شاگردن، ساٿين ۽ چاھيندڙن ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به مبارڪبادن جو سلسلو جاري آهي۔

ياد رهي ته سائينداد ساند مٺي ۽ ڏيپلو جي ڊگري ڪاليجن ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پرنسپال جي عهدي تي پڻ فائز رهيو۔ هن تعليمي ميدان سان گڏوگڏ ادبي دنيا ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس شاعري لڳ مشهور آهي، جنهن کي ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو آهي۔

ميرپورخاص جي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز طرفان گذريل هفتي ڊي جي ڪاليجز کي خط لکي هن فيصلي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي، جنهن بعد اڄ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي۔

ليکڪ ڀارو مل امراڻي موجب، سائينداد ساند نه رڳو بهترين استاد هو پر سنڌي ادب جو به اهم نالو رهيو، جنهن جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون۔

Share This Article
Leave a Comment