ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي اڄ اسلام آباد، مسقط ۽ ماسڪو جي اهم دوري جي شروعات ڪري رهيو آهي.
ايراني سرڪاري نيوز ايجنسي ‘ارنا’ موجب، دوري جو مقصد خطي جي موجوده حساس صورتحال تي دوست ملڪن سان مشاورت ڪرڻ آهي.
ايراني ميڊيا موجب، عباس عراقچي پنهنجي دوري دوران پاڪستان، عمان ۽ روس جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن جا خاص نقطا هي آهن.
ايران ميڊيا موجب ملاقاتن ۾ علاقائي صورتحال، خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ، خاص ڪري ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
دوري جو مقصد ايران خلاف مڙهيل جنگي خطري ۽ اسرائيلي جارحيت جي جواب ۾ سفارتي حڪمت عملي جوڙڻ سان گڏ ميزبان ملڪن سان واپاري، سياسي ۽ دفاعي تعاون کي هٿي وٺرائڻ آهي.
تجزي نگارن موجب، عباس عراقچي جو هي دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن وچ اوڀر ۾ جنگ جا بادل ڇانيل آهن.
اسلام آباد جو دورو ايران لاءِ ان ڪري اهم آهي ته جيئن پاڙيسري ملڪ کي پنهنجي موقف بابت اعتماد ۾ وٺي سگهجي.
: مسقط هميشه ايران ۽ اولهه جي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي (ثالثي) جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته روس: سان ايران جا ويجها دفاعي لاڳاپا آهن، جيڪي موجوده صورتحال ۾ وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن.
ايراني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته هي دورو معمول جي سفارتي رابطن جو حصو آهي، پر اسرائيل سان وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي برادري جون نظرون هن دوري تي لڳل آهن.


