لاهور ( اسپورٽس نيوز ) لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پي ايس ايل 11 جي اهم ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پلي آف جي ڊوڙ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي شروعات انتهائي خراب رهي ۽ صرف هڪ رن تي سندن ٻه وڪيٽون ڪري پيون.
ان ڏکي صورتحال ۾ رائلي روسو ۽ ڪپتان سعود شڪيل شاندار بيٽنگ ڪندي ٽيئن وڪيٽ لاءِ 148 رنسن جي شراڪت قائم ڪئي. روسو 90 ۽ سعود شڪيل 57 رنسون ٺاهيون، جنهن جي مدد سان ڪوئيٽا مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 195 رنسن جو مجموعو ترتيب ڏنو.
هدف جي پويان ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر ۽ ريزا هينڊرڪس جارحاڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو. پهرين وڪيٽ 57 رنسن تي ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي بيٽرن ناقابلِ شڪست رهندي ٻي وڪيٽ لاءِ 141 رنسون جوڙيون ۽ ٽيم کي 19هين اوور ۾ سوڀ ڏياري.
ڊيوڊ وارنر 90 ۽ ريزا هينڊرڪس 87 رنسن جي اننگز کيڏي. هن فتح کانپوءِ ڪراچي ڪنگز 10 پوائنٽس سان پوائنٽس ٽيبل تي چوٿين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي وئي آهي.


