لاڙڪاڻو: ڌيءُ کي جوا ۾ هارائيندڙ شخص هٿان ڪهاڙيون هڻي زال قتل

2 Min Read

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) لاڙڪاڻي ويجهو گهرواري کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ڌامراهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ فتح پور ۾ مبينا جوا ۾ پنهنجي 12 ورهين جي ڌيءَ کي هارائڻ بعد زال مڙس ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ جوابدار ڪهاڙين جا وار ڪري گهر واري 3 ٻارڙن جي ماءُ 25 ورهين جي سيما کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.

اطلاع تي پوليس پهچي واقعي جا تفصيل وٺي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مقتولا عورت جي والد بشير احمد سولنگي ٻڌايو ته 2 مهينا اڳ ناٺي گلشاد ميراڻي پنهنجي 12 ورهين جي ڌيءَ ريحانه کي جوا ۾ هارائي پنهنجي گهر واري سيما کي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو جنهن کان پوءِ سيما اسان سان گڏ رهندي هئي.

هن چيو ته گلشاد زبردستي اسان جي گهر اچي منهنجي ڏوهٽي ريحانه کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته زال مڙس وچ ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ۾ گلشاد ڪهاڙيون هڻي سيما کي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي.

هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڌيءَ جي قتل ۾ ملوث ناٺي کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان حوالي سان ڌامراهه پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب جوابدار گلشاد ميراڻي جواري ۽ نشو واپرائيندو آهي جنهن پنهنجي 12 ورهين جي ڌيءَ کي جوا ۾ هارائي ڇڏيو جنهن معاملي تان هن پنهنجي زال کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي.

 پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن اسپتال انتظاميه مقتولا جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته آخري اطلائن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

Share This Article
Leave a Comment