واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ جي خاتمي لاءِ ايران پاران ڏنل جواب کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکندي ٽرمپ چيو ته کيس ايراني نمائندن پاران موڪليل جواب بلڪل پسند نه آيو آهي.
ياد رهي ته ايران پنهنجو جواب پاڪستان ذريعي آمريڪا تائين پهچايو هو.
هڪ تازي انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ ايران جي جوهري پروگرام بابت سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته آمريڪي فوج ايران جي رچايل يورينيم جي نگراني ڪري رهي آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ان کي ڪنهن به وقت قبضي ۾ ورتو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته ايران کي عڪسري طور ڪمزور ڪيو ويو آهي ۽ سندس قيادت جي پهرين ٽيمن کي ختم ڪيو ويو آهي.
ٽرمپ واضح ڪيو ته آمريڪا ايران کي جوهري هٿيارن جي مالڪي جي اجازت نه ڏيندو، ڇاڪاڻ ته ايران عالمي معاهدن کي ٽوڙڻ جو رڪارڊ رکي ٿو.

صدر ٽرمپ پاران جنگ جي خاتمي لاءِ ايراني جواب رد
Leave a Comment Leave a Comment

