لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ مشهور نيٽ فلڪس سيريز مني هائيسٽ (لا ڪاسا دي پاپيل) جي مداحن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي.
تازو جاري ڪيل هڪ ٽيزر جنهن ۾ ”انقلاب ڪڏهن ختم ناهي ٿيندو“ جو نعرو هنيو ويو آهي، ان مان اهي اميدون پيدا ٿيون آهن ته شايد سيزن 6 جي تياري ڪئي پئي وڃي.
جيتوڻيڪ نيٽ فلڪس اڃا تائين سيزن 6 جي سڌي تصديق ناهي ڪئي، پر انتظاميا جو چوڻ آهي ته اهي هن فرنچائز کي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ڪري رهيا آهن.
ان دوران، ’برلن‘ سيريز جو ٻيو سيزن 15 مئي 2026 تي رليز ٿيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ پيڊرو الونسو مرڪزي ڪردار ادا ڪندو.
رپورٽن مطابق، ايندڙ ڪهاڻيون وڌيڪ خطرناڪ هونديون ۽ انهن جو دائرو اسپين مان نڪري عالمي سطح تائين وڌايو ويندو، جتي وڏا مالي نظام ۽ عالمي سياست کي موضوع بڻايو ويندو.
مداحن کي اميد آهي ته شايد ’پروفيسر‘ به ڪنهن حيران ڪندڙ انداز ۾ واپس اچي وڃي.

ڇا مني هائيسٽ جو سيزن 6 اچي رهيو آهي؟
Leave a Comment Leave a Comment

