ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالرز جي قسط منتقل ڪري ڇڏي آهي.
هيءَ منظوري گذريل جمعي تي واشنگٽن ۾ ٿيل آءِ ايم ايف ايگزیکٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڏني وئي هئي.
مليل رقم ۾ اي ايف ايف تحت هڪ ارب ڊالرز ۽ آر ايس ايف تحت 20 ڪروڙ ڊالرز شامل آهن.
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن قسط جي ملڻ سان پاڪستان جي مالي حالت کي سهارو ملندو، پر عوام کي بجلي ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ جي صورت ۾ آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جو به مقابلو ڪرڻو پوندو.

پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 1.3 ارب ڊالرز جي قسط ملي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

