اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جمعي ڏينهن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ “تاريخي” لاڳاپن جي واکاڻ ڪئي، جڏهن هن هڪ چيني ڪاروباري وفد سان ملاقات ڪئي.
وزيراعظم آفيس جي بيان موجب، آءِ بي آءِ بيجنگ يونائيٽيڊ ٽيڪنالاجي جي باني، صدر ۽ ڪنٽرولنگ شيئر هولڊر چيان شياوجن جي قيادت ۾ 11 رڪني اعليٰ سطحي چيني ڪاروباري وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
وزيراعظم وفد کي پاڪستان آمد تي ڀليڪار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا تاريخي آهن ۽ ٻئي ملڪ هر موسم جا اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنر آهن. هن چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت هيٺ چين جي ترقي کي به ساراهيو ۽ چيو ته هو هن مهيني جي آخر ۾ چين جي دوري جو منتظر آهي.
وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ ڪاروباري لاڳاپن کي خوش آئند قرار ڏنو ۽ چيو ته آءِ بي آءِ پاران ڊجيٽل معيشت، سيڙپڪاري جي سهولت ۽ صنعتي تعاون کي هٿي ڏيڻ خاص طور تي اهم آهي.
چيان شياوجن پاڪستان جي معيشت تي اعتماد ظاهر ڪندي چيو ته آءِ بي آءِ پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت جو بنيادي ڍانچو ٺاهڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪو ايس ايم ايز کي وڏي چيني مارڪيٽ تائين رسائي ڏيندو.
وفد جو هي دورو سيپٽمبر 2025 ۾ وزيراعظم جي چين دوري دوران بيجنگ ۾ ٿيل پاڪ-چين بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي تسلسل ۾ ٿيو آهي۔


