اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فِيلڊ مارشل عاصم منير تهران پهچي ويو آهي
آءِ ايس پي آر موجب تهران پهچڻ تي ايران جي گهرو وزير آرمي چيف جنرل عاصم منير جي آجيان ڪئي
سيڪيورٽي ذريعن موجب فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير پنهنجي ايران جي دوري دوران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين، خطي ۾ امن جي قيام ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته فِيلڊ مارشل عاصم منير ايران جي اهم اعليٰ شخصيتن سان ملاقاتون پڻ ڪندو۔
ياد رهي ته محسن نقوي به هن وقت ايران ۾ موجود آهي، جنهن ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪري خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ آمريڪا سان جنگ جي خاتمي بابت معاملن تي تفصيلي خيال ونڊيو۔
خبر ايجنسي موجب محسن نقوي ۽ عباس عراقچي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ مختلف مسودن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔
ايراني خبر ايجنسي مطابق ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي طريقن تي به غور ڪيو۔
ٻئي پاسي سفارتي ذريعن موجب محسن نقوي اڄ به تهران ۾ رهندو، جتي هو ايران-آمريڪا ڳالهين بابت اهم ملاقاتون جاري رکيو ويٺو آهي۔


