واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي انصاف واري کاتي ڪيوبا جي اڳوڻي صدر راول ڪاسترو تي قتل جي الزام هيٺ فردِ جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي۔
آمريڪي انصاف کاتي موجب راؤل ڪاسترو تي 1996ع ۾ ڪيوبا ۽ فلوريڊا وچ ۾ ٻن جهازن کي ڪيرائڻ واري واقعي ۾ آمريڪي شهرين جي قتل جي سازش ۽ ٻين سنگين ڏوهن جا الزام آهن۔
وقتي آمريڪي اٽارني جنرل ٽوڊ بلينش هن فردِ جرم کي “تاريخي لمحو” قرار ڏنو۔ هن چيو ته لڳ ڀڳ 70 سالن ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي جو ڪيوبا جي حڪومت جي اعليٰ قيادت تي آمريڪا ۾ پُرتشدد ڪاررواين جي الزام هيٺ فردِ جرم لاڳو ڪئي وئي آهي۔
ٻئي پاسي ڪيوبا جي صدر ميگوئل ڊياز ڪينل آمريڪي الزامن کي بي بنياد ۽ سياسي اَٽڪل قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا هن ڪيس کي ممڪن فوجي ڪارروائي لاءِ جواز طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو۔
هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ردعمل ڏيندي چيو ته اڳوڻي ڪيوبن صدر تي فردِ جرم لاڳو ٿيڻ “تمام وڏي ڳالهه” آهي۔ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ڪيوبا هڪ ناڪام رياست آهي، ۽ اڳتي ڇا ٿيندو ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي۔
سندس چوڻ هو ته ڪيوبا جي عوام جي مدد ڪرڻي پوندي ۽ آمريڪا ڪيوبا کي آزادي ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اتي ڇڪتاڻ نه ٿيندي۔


