ٺل (ويب ڊيسڪ) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عودي ۾ وڏيري جي پٽ جي مبينا فائرنگ ۾ هڪ نوجوان گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي تڙپي تڙپي مارجي ويو.
مليل ڄاڻ موجب، وڏيري جي پٽ مبينا طور نشي جي حالت ۾ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ اتي موجود نوجوان نعمان پٽ فيض محمد ڪوري کي گوليون لڳيون ۽ هو موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ويٺو.
واقعي کانپوءِ سڄي علائقي ۾ خوف و حراس ۽ تڪرار واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
ٻئي طرف، اطلاع ملڻ تي اي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٺل جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ مقتول جي گهر ۾ روڄ پٽڻ پيل آهي.

ٺل ۾ وڏيري جي پٽ جي مبينا فائرنگ ۾ نوجوان قتل
Leave a Comment Leave a Comment

