وزيراعظم شهباز شريف جو بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ شاندار استقبال، گارڊ آف آنر پيش

1 Min Read

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ايران ۽ امريڪا جي وچ ۾ ٽياڪڙي جو مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير ايراني ۽ امريڪي قيادت جي وچ ۾ رابطن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ۽ ٻنهي ملڪن جا معاملا هاڻي درست سمت ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن.
چين جي دوري دوران بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي اعزاز ۾ هڪ پروقار آجياڻي واري تقريب ڪوٺائي وئي، جتي چيني وزيراعظم لي چيانگ سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ کيس چيني هٿياربند فوج جي دستن پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين پنهنجي دوستي جا 75 سال ملهائي رهيا آهن، جنهن جو بنياد اسان جي باني اڳواڻن رکيو هو. هن امن جي قيام لاءِ صدر شي جن پنگ جي 4 نڪاتي ايجنڊا جي ڀرپور حمايت ڪئي.
ٻئي طرف، چيني وزيراعظم لي چيانگ علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته چين پاڪستان سان روايتي دوستي ۽ عملي سهڪار کي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن چيو ته صدر شي جن پنگ سان وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪندي.

Share This Article
Leave a Comment