ڪشمور: گبلو جي ڪچي ۾ ٻئي ڏينهن به آپريشن، 4 شڪي گرفتار

1 Min Read

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جي هدايتن تي گبلو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس پاران ٻئي ڏينهن به وڏي پيماني تي سرچ اينڊ ريڊ آپريشن جاري رکيو ويو آهي، جنهن دوران 4 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
گذريل ڏينهن بخشاپور ٿاڻي جي حد شربت واهه ڀرسان مسافر ڪوچ تي فائرنگ ۽ ڦر جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هلندڙ هن آپريشن ۾ ضلع جي سمورن ايس ايچ اوز، ايليٽ فورس، اي پي سيز ۽ جديد هٿيارن سان ليس پوليس جي وڏي نفري حصو وٺي رهي آهي.
پوليس ڪارروائي دوران ڏوهارين ۽ سندن سهولتڪارن جا امڪاني ٺڪاڻا ۽ پناهه گاهون باهه ڏئي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن.
ان موقعي تي ايس ايس پي ڪشمور جو چوڻ هو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني ويندي.

Share This Article
Leave a Comment