پنڪي ڪيس جون ڪڙيون ارمغان ڪيس سان وڃي مليون؟

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪوڪين سپلاءِ ڪندڙ وڏي منشيات نيٽ ورڪ بابت جاري جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب، مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۽ ڊي ايس پي جي شهادت واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ارمغان کان ٿيندڙ جاچ دوران منشيات جي هڪ وڏي گينگ بابت ڇرڪائيندڙ معلومات ملي آهي.
ان کان اڳ، منشيات خلاف ڪاررواين دوران مبينا طور هڪ مشهور اداڪار جي پٽ ساحر حسن کي به گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن جي نشاندهي تي ٻاهرين ملڪ مان ڪوڪين اسمگل ڪندڙ جوابدار فرحان عرف فيضي تائين پهچ حاصل ڪئي وئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل سال 6 مارچ تي ٿيل جاچ ۾ انمول عرف پنڪي جو نالو پڻ هن منشيات فروش گروهه جي اهم ڪردار طور سامهون آيو هو، جڏهن ته هاڻوڪي جاچ ۾ جوابدار ارمغان هڪ ڀيرو ٻيهر فرحان عرف فيضي جو نالو ورتو آهي.
رپورٽن موجب فرحان عرف فيضي کي ان کان اڳ ايس آءِ يو گرفتار ڪيو هو پر بعد ۾ کيس مبينا طور بنا جسماني ريمانڊ جي جيل موڪليو ويو ۽ هو هن وقت ضمانت تي آزاد آهي.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته فرحان فيضي هن وقت ڪراچي جي علائقي ڊي ايڇ اي ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ ٻيهر فعال ڪري رهيو آهي، جڏهن ته شهر ۾ ڪوڪين جي في گرام قيمت 22 هزار رپين تائين پهچڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي.
پوليس پاران هن مبينا منشيات نيٽ ورڪ جي باقي ڪردارن جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment