ڀرياسٽي: ڪراچي کان ڳوٺ ايندڙ ماءُ ڌيءَ سميت لاپتا، وارثن جو احتجاج

2 Min Read

نوشهرو فيروز (رپورٽر) نيو ڪراچي جي ايوب ڳوٺ مان پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڏانهن ايندڙ عورت مسمات بابرا پنهنجي 3 سالن جي معصوم ڌيءَ آئزل فاطما سميت پراسرار طور لاپتا ٿي وئي آهي، جنهن بعد وارثن انصاف ۽ ڳولا لاءِ پريس ڪلب ڀرياسٽي اڳيان احتجاج ڪيو آهي.
ڳوٺ ڪوڙو مجيداڻو جي رهواسين گل حسن مجيداڻو، مير حسن مجيداڻو ۽ مسمات شبيران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته، عيد جي ٻئي ڏينهن خميس تي ڪراچي مان سندن ڀيڻوي مختيار راڄپر پنهنجي گهر واري مسمات بابرا ۽ نياڻي آئزل فاطما کي جمالي پل ڪراچي تان صبح جو 11 وڳي ڌاري جيئو فرحان مسافر ڪوچ ۾ ويهاري ڳوٺ طرف روانو ڪيو هو، جيڪي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود گهر ناهن پهتيون.
وارثن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان پنهنجي طور مٽن مائٽن، ڪوچ جي عملي ۽ سکر واري اڏي تائين پوري ڪوشش سان ڳولا ڪئي آهي، پر سندن ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. کين شڪ آهي ته سندن ڀيڻ ڪراچي کان ايندي ڪٿي غلطي سان لهي وئي آهي.
هنن واضح ڪيو ته سندن ڪنهن سان به ڪا ذاتي دشمني ناهي، هو غريب ماڻهو آهن ۽ ڪراچي ۾ مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندا آهن.
متاثر خاندان سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي نوشهروفيروز، انساني حقن جي تنظيمن ۽ خدا ترس ماڻهن کان پرزور اپيل ڪئي آهي ته معصوم ٻارڙي ۽ ماءُ جي ڳولا ۾ سندن مدد ڪئي وڃي ته جيئن گهرڀاتين مان سخت بيچيني ختم ٿي سگهي.

Share This Article
Leave a Comment