ايف بي آر ٽيڪس اوڳاڙي ۾ ناڪام، آءِ ايم ايف جو نئون شرط، پاڪستان جي مخالفت

2 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ٽيڪس هدف پورا نه ٿيڻ تي پاڪستان سرڪار کي تجويز ڏني آهي ته مالي سال 27-2026 جي بجيٽ ۾ جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) جي شرح 18 سيڪڙو مان وڌائي 19 سيڪڙو ڪئي وڃي. ٻئي پاسي پاڪستاني اختيارين هن تجويز جي سخت مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ان سان ملڪ ۾ مهنگائيءَ جو نئون طوفان ايندو.
ذريعن موجب، جي ايس ٽي ۾ رڳو هڪ سيڪڙو واڌ سان حڪومت کي 300 ارب رپيا واڌو ملي سگهن ٿا، پر ان سان گڏ سولر پينلز ۽ اليڪٽرڪ ڪارون وڌيڪ مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي.
صنعت واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته تجويز تي غور هلي رهيو آهي پر حتمي فيصلو ناهي ٿيو، جڏهن ته چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگريال ۽ ناڻي واري وزارت اهڙي ڪنهن به تجويز کي زير غور هجڻ کان رد ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، رواين مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 868 ارب رپين جي وڏي کوٽ سامهون آئي آهي. 11 مهينن جو هدف 12095 ارب رپيا هو، جڏهن ته رڳو 11227 ارب رپيا گڏ ٿي سگهيا آهن. رڳو مئي جي مهيني ۾ 1150 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 966 ارب رپيا ٽيڪس وصول ٿيو.
اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته مالي سال 2026 لاءِ پهريان ٽيڪس هدف 14307 ارب رپيا رکيو ويو هو، جنهن کي گهٽائي 13979 ارب رپيا ڪيو ويو، پر ايف بي آر لاءِ مالي سال جي آخري هڪ مهيني ۾ باقي رهيل 2752 ارب رپيا گڏ ڪرڻ بظاهر ناممڪن آهي. ياد رهي ته آءِ ايم ايف اڳلي مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولين جو هدف 15264 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي.

Share This Article
Leave a Comment