ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سخت گرمي ۽ هيٽ ويو کانپوءِ موسميات کاتي شهرين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي.
اڄ کان ملڪ جي مختلف حصن ۾ پري مون سون سرگرميون شروع ٿيڻ، تيز آنڌاري ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن سان گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي ايندي.
تفصيل موجب پنجاب ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پارو 48 کان 51 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رڪارڊ ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري شهري سخت پريشان آهن.
هوا ۾ گهم وڌيڪ هجڻ ڪري بلوچستان جي علائقي سبي ۾ گرمي جو درجو 41 پر شدت 46 ڊگري، جڏهن ته تربت ۾ پارو 40 پر شدت 45 ڊگري تائين محسوس ڪيو پيو وڃي.
جيڪب آباد ۾ 40، حيدرآباد ۾ 39، لاهور ۽ ڪراچي ۾ 33 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پهرين جون کان 4 جون دوران ڏاکڻي پنجاب ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ تيز آنڌاري، گجگوڙ ۽ ڳڙي پوڻ جو امڪان آهي.
سنڌ جي مٿانهن ضلعن، شهيد بينظير آباد، دادو، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ۾ 4 جون تائين وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهي سگهي ٿو، جنهن سان جاري هيٽ ويو جو زور ٽٽي پوندو.
ٻئي طرف ڪراچي جي شهرين لاءِ اها اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن موسم گرم ۽ گهميل رهندي ۽ هوا ۾ گهم وڌيڪ هجڻ ڪري گرمي جي اصل شدت 46 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ٿيندي، جيڪا شهرين لاءِ ٻيڻي عذاب جو سبب بڻجندي.
پر سمنڊ طرفان ايندڙ ڪڪرن جي ڪري صبح ۽ رات جو شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ڦڙڦڙ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪنهن وڏي طوفان يا تيز برسات جو ڪو به امڪان ناهي.
جيڪڏهن 2 کان 4 جون دوران بلوچستان مان جهڙ وڌيڪ آيو ته ڪراچي ۾ تيز برسات پئجي سگهندي.

سنڌ ۾ اڄ کان چوماسي جي شروعاتي برساتن جي اڳڪٿي
Leave a Comment Leave a Comment

