نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) نوشهروفيروز جي علائقي پڊعيدن ڀرسان ڳوٺ حسين بخش جويو ۾ ڊائريا جي وبا تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳي آهي، جنهن سبب والدين ۾ خوف ۽ پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
ڳوٺ ۾ ڊائريا ۾ مبتلا 7 ورهين جو ٻار تنوير ولد رفيق جويو فوت ٿي ويو، جنهن کي پيٽ جي تڪليف، الٽين ۽ دستن سبب پڊعيدن اسپتال آندو ويو هو، پر وارثن موجب سهولتن جي کوٽ سبب سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ هو فوت ٿي ويو.
ڳوٺاڻن موجب علائقي ۾ وڌيڪ 10 کان وڌيڪ ٻار به هن بيماري ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته مناسب علاج جون سهولتون موجود ناهن. رهواسين صحت کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ميڊيڪل ٽيمون موڪلي وبا تي ضابطو آندو وڃي ۽ وڌيڪ معصوم جانين کي بچايو وڃي.

پڊعيدن ڀرسان ڊائريا جي وبا ۾ ڪيترائي ٻار مبتلا، 7 ورهين جو ٻار فوت
Leave a Comment Leave a Comment

