دادو (رپورٽر) دادو ضلعي ۽ ان جي آس پاس واري علائقن ۾ تيز طوفان تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف حادثن دوران 2 ڄڻا فوت ۽ 40 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
رپورٽن موجب، تيز طوفاني هوائن سبب ڪيترن ئي گهرن جون ڇتون، ڀتيون، وڻ ۽ سولر پينل ڪري پيا، جنهن جي ملبي هيٺان اچي ڪيترائي ماڻهو دٻجي ويا.
واقعي کان پوءِ زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

دادو ۾ تيز طوفان تباهي مچائي ڇڏي، ڇتون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت، 40 کان وڌيڪ زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

