ٽنڊوالهيار: صحت کاتي ۾ نوڪرين لاءِ انٽرويوز دوران بدنظمي، اميدوار پريشان

1 Min Read

ٽنڊوالهيار (رپورٽر) صحت کاتي ٽنڊوالهيار ۾ گريڊ 1 کان 4 جي نوڪرين لاءِ گهرايل اميدوارن جي انٽرويوز دوران سخت بدنظمي ڏسڻ ۾ آئي آهي.
رپورٽن موجب، نوڪرين جي آسري تي سوين بيروزگار نوجوان انٽرويو ڏيڻ لاءِ پهتا، پر صحت کاتي جي ناقص انتظامن سبب اتي سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
انٽرويو واري هنڌ تي اميدوارن لاءِ ويهڻ يا ڪنهن به قسم جو مناسب بندوبست نه هجڻ ڪري ڪيترن ئي اميدوارن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو.
اميدوارن الزام هنيو ته سفارشي ماڻهن کي گهرايو پيو وڃي جڏهن ته هو گرمي ۾ بيهڻ تي مجبور آهن.
اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته عملي جي بدانتظامي جو نوٽيس وٺي انٽرويوز کي شفاف بڻايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment