ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي منگهوپير ۾ عورت جي قتل واري افسوسناڪ واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو سامهون اچي وئي آهي.
پوليس موجب واردات 2 جون تي پيش آئي، جنهن ۾ 30 ورهين جي خديجه پنهنجي مڙس سان گڏ موٽر سائيڪل تي وڃي رهي هئي ته تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ جي نتيجي ۾ خديجه ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس محفوظ رهيو. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.
پوليس موجب مقتولا اورنگي ٽائون جي فريد ڪالوني جي رهواسي ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ هئي، جيڪا واقعي وقت پنهنجي مائٽن وٽ وڃي رهي هئي.
شروعاتي جاچ موجب واقعو خانداني دشمني جو نتيجو معلوم ٿئي ٿو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واردات ۾ 30 بور پستول استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن.

ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل سوار جوڙي تي فائرنگ، عورت قتل
Leave a Comment Leave a Comment

