ميرپورخاص (رپورٽ: امجد خاصخيلي) ميرپورخاص ۾ فنڊن جي کوٽ سبب ساليانو مينگو فيسٽيول ملتوي، آبادگارن پاران فيصلو رد، هر سال منعقد ٿيندڙ روايتي مينگو فيسٽيول هن سال فنڊن جي اڻاٺ سبب ملتوي ڪيو ويو آهي، جنهن تي آبادگارن ۽ زرعي اڳواڻن سخت اعتراض واريا آهن.
ميرپورخاص ۾ 58هين مينگو فيسٽيول جي انعقاد لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص جي صدارت هيٺ مينگو فيسٽيول مئنيجمينٽ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪاميٽي جي چيئرمين عارف ڀرڳڙي، اڳوڻي چيئرمين ۽ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ محمد عمر بگهيو، الله بچايو راڄڙ، منصور چيمه، گهرام بلوچ، چوڌري احسان الحق آرائين، ڪريم ميمڻ سميت زراعت کاتي، هارٽيڪلچر ريسرچ سينٽر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران ڪاميٽي جي چيئرمين عارف ڀرڳڙي ٻڌايو ته مينگو فيسٽيول جي انعقاد لاءِ سنڌ حڪومت کان هڪ ڪروڙ 60 لک رپين جي فنڊن جي گهر ڪئي وئي هئي، پر حڪومت طرفان اڃا تائين ڪو جواب نه مليو آهي، جنهن سبب هن سال مينگو فيسٽيول ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنر اجلاس کي آگاهه ڪيو ته جنگ کانپوءِ پيدا ٿيل موجوده معاشي صورتحال سبب سنڌ حڪومت ڪفايت شعاري واري پاليسي اختيار ڪندي ڪيترن ئي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي.
فيسٽيول ملتوي ڪرڻ واري فيصلي تي آبادگار اڳواڻ محمد عمر ٻگهيو سخت اعتراض ڪندي چيو ته سندس چيئرمين شپ واري دور ۾ صرف 30 لک رپين جي خرچ سان به مينگو فيسٽيول ڪاميابي سان منعقد ٿيندو رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت طرفان فنڊ نه به ملن ته ضلعي ڪائونسل، ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٻيا ادارا هر سال مالي سهڪار ڪندا رهيا آهن، جڏهن ته شگر ملون، ڪپهه جون فيڪٽريون، زرعي دوائن ۽ ڀاڻن جا ڊيلر به تعاون ڪندا رهيا آهن.
محمد عمر ٻگهيو مطالبو ڪيو ته ڪاميٽي پاڻ ڪوششون ڪري وسيلا پيدا ڪري ۽ فيسٽيول ملتوي ڪرڻ بدران ان کي منعقد ڪري، ڇو ته هي فيسٽيول آبادگارن جي همت افزائي ۽ زرعي ترقي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو.
ذريعن موجب اجلاس دوران عارف ڀرڳڙي ۽ عمر ٻگهيو وچ ۾ ان معاملي تي تلخ ڪلامي پڻ ٿي. عمر ٻگهيو اهو به مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن هن سال فيسٽيول لاءِ هڪ ڪروڙ 60 لک رپيا گهربل آهن ته گذريل سال حاصل ٿيل هڪ ڪروڙ 30 لک رپين جي خرچن جا تفصيل به پيش ڪيا وڃن، جيئن معلوم ٿي سگهي ته اها رقم ڪٿي ۽ ڪهڙن مدن ۾ خرچ ڪئي وئي.
بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ٻگهيو چيو ته مينگو فيسٽيول ميرپورخاص جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي ۽ آبادگار ڏکين حالتن باوجود ان جي انعقاد کي يقيني بڻائيندا رهيا آهن. هن چيو ته فيسٽيول ۾ رڳو امبن جي نمائش نه ٿيندي آهي، پر آبادگارن ۽ باغبانن کي پيش ايندڙ مسئلن بابت سيمينار پڻ منعقد ڪيا ويندا آهن، جن مان زرعي شعبي کي رهنمائي ملندي آهي. ان کان علاوه مختلف ملڪن جا سفارتڪار به هن فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندا آهن، جنهن سان آمَن جي برآمدات وڌائڻ ۾ مدد ملندي آهي.
ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي مينگو فيسٽيول ڪاميٽي جي چيئرمين عارف ڀرڳڙي چيو ته امبن جي اها نمائش آبادگارن لاءِ انتهائي اهم آهي، پر سنڌ حڪومت طرفان فنڊ نه ملڻ سبب ان کي ملتوي ڪرڻو پيو آهي. هن چيو ته جيڪي آبادگار فيسٽيول ملتوي ٿيڻ تي اعتراض ڪري رهيا آهن، اهي پاڻ فنڊن جو بندوبست ڪري ڏيکارين، ڪاميٽي فوري طور نمائش منعقد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. عارف ڀرڳڙي وڌيڪ چيو ته شگر ملن سميت هن وقت ڪو به ادارو مالي سهڪار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب فيسٽيول جي انعقاد ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.


