ميرپورخاص: سعيد ميمڻ جي بازيابيءَ لاءِ ترقي پسند پارٽيءَ جي سڏ تي احتجاجي ريلي

1 Min Read

ميرپورخاص ( رپورٽ: امجد خاصخيلي ) ايس ٽي پي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد ميمڻ جي ڀاءُ سعيد ميمڻ جي بازيابيءَ لاءِ ميرپورخاص ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن ڊاڪٽر سومار سميجو، سارنگ اُنڙ، شوڪت ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اسٽيٽ لائيف چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڳالھائيندي ڊاڪٽر سومار سميجو، سارنگ انڙ، شوڪت ابڙو، ميھار بنگلاڻي، اڪبر شر، گلزار مگسي ۽ ٻين چيو تھ سعيد ميمڻ سنڌ جو ھڪ باصلاحيت ۽ سڄاڻ پُٽ آھي، جنھن جي اغوا تي سنڌ جا ماڻھو ڪاوڙيل آھن.

ھنن چيو ته پارٽيءَ جي قيادت سنڌ حڪومت، بلوچستان حڪومت توڙي بلوچستان جي قومپرست سياستدانن مسلسل رابطي ۾ آھي ۽ ڊاڪٽر سعيد جي بازيابيءَ لاءِ کين ڪوششون وٺڻ لاءِ چيو پر ھن وقت تائين ڪا بھ اڳڀرائي ناھي ٿي.

مظاهرين چيو ته سنڌين ۽ بلوچن جا ھڪٻئي سان ويجھا لاڳاپا رھيا آھن ۽ ھنن گڏجي سياسي تحريڪن ۾ حصو ورتو آھي پر اسان جي شڪايت آھي بلوچستان جي سياستدانن سان ته اھي ان ڏس ۾ ڪو بھ ڪردار ادا نھ پيا ڪن. ھنن مطالبو ڪيو ته سعيد ميمڻ کي ترت بازياب ڪرايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment