گڊو (رپورٽر) گڊو ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان رحمت علي دولاڻي مزاري اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
وارثن کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو هو، جتي هو دم ڌڻي حوالي ڪري ويو.
واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ آخري اطلاعن تائين معلوم نه ٿي سگهيو.
ايس ايڇ او گڊو منظور لغاري موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ توڙي گرفتاري لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.
پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ حقيقتون جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سامهون اينديون.

گڊو ويجهو نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل
Leave a Comment Leave a Comment

