هرمز لنگهه جي بندش جي اعلان بعد تيل جا اگهه وڌي ويا

1 Min Read

لنڊن/ٽوڪيو: (ويب ڊيسڪ) ايران پاران هرمز لنگهه کي مڪمل طور بند ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ عالمي تيل مارڪيٽن ۾ تيز ردعمل ڏٺو ويو آهي.
خميس جي صبح ايشيائي مارڪيٽن ۾ واپار دوران برينٽ خام تيل جي قيمت لڳ ڀڳ 2 سيڪڙو اضافي سان 95 ڊالر في بيرل کان مٿي پهچي وئي.
تجزيه نگارن موجب سامونڊي واپاري رستن جي بندش ۽ تيل کڻندڙ جهازن جي سلامتي بابت خدشن سبب سيڙپڪارن ۾ بيچيني پيدا ٿي آهي.
هرمز لنگهه دنيا جي اهم ترين تيل بردار گذرگاهن مان هڪ آهي، جتان عالمي تيل جي فراهمي جو وڏو حصو گذري ٿو.

Share This Article
Leave a Comment