درگاهه قلندر لعل شهباز جو سي سي ٽي وي آپريٽر ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت دوران قتل

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ هٿياربندن ڦر مزاحمت دوران نوجوان شاهد سولنگي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب مقتول شاهد سولنگي درگاهه حضرت قلندر لال شهباز سان واڳيل هو ۽ اتي سي سي ٽي وي آپريٽر طور خدمتون سرانجام ڏيندو هو.
هٿياربندن مبينا طور ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.
شاهد سولنگي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي کانپوءِ وارثن ۽ سندس ساٿين ۾ ڏک ۽ غم جي لهر ڇانيل آهي.

Share This Article
Leave a Comment