گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ ۾ ڪليري ۽ ملاح برادرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو سيد سرڪار حسين شاهه لڪياري جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو.
جرڳي ۾ هڪ سال اڳ قتل ٿيل واپاري عنايت ملاح جو خون ڪليري برادري تي ثابت ٿيڻ بعد 50 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.
جرڳي جي فيصلي کانپوءِ ٻنهي ڌرين کير کنڊ ٿي تڪرار ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
ياد رهي ته هڪ سال اڳ کڙا جي واپاري عنايت ملاح تي سندس دڪان تي حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪيو ويو هو، جيڪو بعد ۾ گمس اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو هو.
واقعي بعد ڪليري برادري جي 12 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو.

گمبٽ ۾ ڪليري-ملاح خوني تڪرار جو نبيرو، 50 لک رپيا ڏنڊ مقرر
Leave a Comment Leave a Comment

