تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي ايندڙ جمعي ڏينهن جنيوا ۾ صحيحن جو امڪان آهي، جڏهن ته ان کان اڳ ايراني وفد خطي جي مختلف ملڪن ۽ پاڙيسري رياستن جا دورا ڪندو.
پريس ڪانفرنس دوران اسماعيل بقائي چيو ته 110 ڏينهن واري جنگ دوران ايراني عوام پنهنجي حڪومت ۽ هٿياربند فوجن جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ بي مثال ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ايران پنهنجي قيادت، فوجي ڪمانڊرن ۽ عام شهرين جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو.
هن اسرائيل تي لبنان ۽ فلسطين ۾ جارحيت جاري رکڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته عالمي ادارا صهيوني رياست جون ڪارروايون روڪرائڻ ۽ ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي مذمت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
ترجمان موجب ايران هميشه ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي رستي کي ترجيح ڏني آهي، پر ڪنهن به معاهدي تائين پهچڻ جو مطلب اهو ناهي ته ايران پنهنجي نقصانن يا جنگ دوران ٿيل ڏوهن کي وساري ڇڏيندو.
اسماعيل بقائي چيو ته پرڏيهه ۾ منجمد ايراني اثاثن جي بحالي ۽ واپسي سان گڏ جنگي نقصانن جو معاوضو به ڳالهين جو اهم حصو آهي ۽ ايران کي اهڙا مطالبا ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا سان طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشت ۾ لبنان بابت نڪتا پڻ شامل آهن ۽ لبنان جي خودمختياري ۽ سلامتي جو احترام يقيني بڻايو ويندو. هن الزام لڳايو ته جنگبندي باوجود اسرائيل لبنان ۾ حملا جاري رکيو ويٺو آهي، تنهنڪري معاهدي تي عملدرآمد واري صورتحال جو ويجهڙائي سان جائزو ورتو ويندو.
اسماعيل بقائي چيو ته عمان جي سهڪار سان آبنائي هرمز ۾ سامونڊي واٽ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ لاڳاپيل ڌرين سان پڻ صلاح مشورا ڪيا ويندا. هن واضح ڪيو ته ايران جو هميشه اهو موقف رهيو آهي ته آبنائي هرمز مان گذرندڙ جهازن کان ڪنهن به قسم جو ٽول وصول نه ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي طريقيڪار کي اڄ يا سڀاڻي حتمي شڪل ڏني ويندي، جنهن کانپوءِ ان جو باضابطه اعلان ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا کي ايراني عوام جو اعتماد ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا ڊگهو سفر طئي ڪرڻو پوندو، جڏهن ته ايران هر حال ۾ معاهدي جي پاسداري ڪندو.


