ڪراچي ۾ گرمي ۽ ٻوسٽ ختم، هلڪي برسات بعد موسم خوشگوار

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ڦڙ ڦڙ سبب موسم خوشگوار ٿي ويو، جڏهن ته گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ وڌيڪ گهٽتائي اچڻ تي شهرين سڪون جو ساهه کنيو.
شاهراهه فيصل، گلشن اقبال، طارق روڊ، بهادر آباد، صدر ۽ کارادر سميت مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات ٿي، جنهن سبب موسم وڻندڙ بڻجي ويو ۽ ٿڌيون هوائون هلڻ لڳيون.
ان کان علاوه شاهراهه پاڪستان، لياقت آباد، عزيز آباد ۽ ايف بي ايريا جي مختلف حصن ۾ به هلڪي برسات سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي آئي ۽ موسم سهڻو ٿي ويو.
خوشگوار موسم جو فائدو وٺندي شهرين مختلف هنڌن تي گهمڻ ڦرڻ ۽ واڪ ڪرڻ جو لطف ورتو.

Share This Article
Leave a Comment