شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ اهم رابطو، امن عمل تي اتفاق

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هلندڙ امن معاهدي جي ايندڙ مرحلن کي ڪاميابي سان اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

وزيراعظم آفيس جي جاري ڪيل بيان موجب محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف کي ايران-آمريڪا معاهدي تي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته وزيراعظم به کيس تاريخي اسلام آباد امن معاهدي تي دستخط ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون.

بيان موجب سعودي ولي عهد پاڪستان جي فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم ۽ فِيلڊ مارشل جي گڏيل ڪوششن سان امن معاهدو ڪاميابي سان طئي ٿيو.

ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ ڪنهن به اهڙي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مڪمل چوڪس رهڻو پوندو، جيڪا امن عمل کي سبوتاز ڪري سگهي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ جامع اقتصادي پيڪيج کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهن، جيڪو جلد دستخط لاءِ تيار هوندو. هن ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.

ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ڏينهن ۾ به ويجهي رابطن ۽ تعاون جاري رکڻ تي زور ڏنو، جڏهن ته ان ڳالهه تي به اتفاق ٿيو ته ايران ۽ آمريڪا جي باقي مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ ضروري آهي.

وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ نار ملڪن جي مضبوط حمايت سان امن معاهدو ڪجهه مهينن اندر ممڪن ٿيو. هن سعودي قيادت جي ”ڏاهپ واري ڪردار“ کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا.

Share This Article
Leave a Comment