گهارو ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽنڊو الهيار واسي 2 پوليس اهلڪار شهيد

2 Min Read

ٽنڊو الهيار ( رپورٽ: خميسو دائوداڻي ) گھارو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽنڊو الهيار واسي 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.

گھارو ويجهو بروسر ڪالوني روڊ تي بابڙا موري واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊيوٽي تي مقرر ٻن پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا.

رپورٽن موجب غلام الله روڊ تي جام برانچ ڀرسان معمول جي پڪٽ ڊيوٽي دوران موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پوليس اهلڪارن تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي اهلڪار موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا.

واقعي بعد جوابدار شهيد اهلڪارن جو اسلحو کڻي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. شهيد اهلڪارن جا لاش رورل هيلٿ سينٽر گھارو منتقل ڪيا پيا وڃن.

اکين ڏٺن شاهدن موجب شڪي موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جي ڪوشش دوران هٿياربندن اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ فائرنگ کان پوءِ فرار ٿي ويا.

ذريعن موجب شهيد ٿيل ٻئي اهلڪار تازو ئي گھارو ٿاڻي مان معمول جي شام واري پڪٽ ڊيوٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، اهلڪارن جو واسطو ٽندو الهيار سان آهي، جيڪي تازو بدلي ٿيا هئا.

ايس ايس پي ٺٽو ساجد امير سدوزئي موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، اهلڪارن جو قتل ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو لڳي رهيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment