اسلام آباد ۽  لاهور سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ خيبر پختونخوا سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهو خوف وچان گهرن ۽ عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا.

زلزلي جا لوڏا اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان علاوه پنجاب جي لاهور، ميانوالي، چڪوال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا.

خيبر پختونخوا ۾ پشاور، شانگلا، بونير، مردان، چارسده، سوات، صوابي، ڪوهاٽ، ڪرڪ، ملاڪنڊ، باجوڙ، هنگو، لوئر دير ۽ ڏکڻ وزيرستان جي مختلف علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

آزاد ڪشمير جي وادي نيلم، مظفرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن، جڏهن ته گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۽ ويجهن علائقن ۾ پڻ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.9 ريڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي اونهائي 178 ڪلوميٽر هئي. مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش علائقي ۾ هو ۽ لوڏا شام 6 لڳي 35 منٽن تي محسوس ڪيا ويا.

يورپي زلزلو مرڪز موجب هندوڪش علائقي ۾ زلزلي جي شدت 6 ريڪارڊ ڪئي وئي آهي.هوڏانهن پشاور ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيڻ بعد خيبر پختونخوا اسيمبلي جو جاري اجلاس احتياطي طور پنجن منٽن لاءِ ملتوي ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment