نوشهروفيروز: مريضه جي علاج ۾ غفلت تي ليڊي ڊاڪٽر ۽ ميڊيڪل سينٽر تي 4 لک رپيا ڏنڊ لاڳو

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن هالاڻي جي ليڊي ڊاڪٽر شميم اڪبر اعواڻ تي مريضه جي سارسنڀال ۾ غفلت تي 3 لک رپيا ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي لاڳاپيل ميڊيڪل سينٽر تي 1 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
ڪميشن پاران هيءَ ڪارروائي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ايڪٽ 2013 تحت ڪندي ميڊيڪل سينٽر جي انتظاميا کي 15 ڏينهن اندر عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
مريضه شانيه اڪرم جي مڙس حافظ عارف هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ ليڊي ڊاڪٽر خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي.
حافظ عارف جو چوڻ آهي ته سندس زال جي طبيعت انتهائي خراب هجڻ جي باوجود ڊاڪٽر کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ کيس ٻين اسپتالن ۾ علاج تي لکين رپيا خرچ ڪرڻا پيا.
هن چيو ته هو ڊاڪٽر جو لائسنس معطل ڪرائڻ تائين پنهنجي قانوني جدوجهد جاري رکندو ته جيئن ڪو ٻيو مريض اهڙي تڪليف مان نه گذري.

Share This Article
Leave a Comment