نوشهروفيروز (رپورٽر) ڀرياروڊ ويجهو گاڏي کاتي واري علائقي ۾ قائم چوڌري افتخار آرائين جي برف جي ڪارخاني تي 9 کان وڌيڪ هٿياربندن ڌاڙو هڻي 12 لک رپيا روڪ، هڪ موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦري فرار ٿي ويا.
ڪارخاني جي مالڪ موجب هٿياربندن ڪارخاني ۾ داخل ٿي 4 ملازمن کي تشدد بعد يرغمال بڻايو ۽ واردات ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي ڀرياروڊ پوليس ۽ ڪرائيم سين ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي ثبوت گڏ ڪيا.
ايس ايڇ او غلام مرتضيٰ گورچاڻي موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.


