اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته شادي دوران ڪنوار کي مليل سون جا زيور ان جي ذاتي ملڪيت آهن ۽ مڙس يا ساهرن کي انهن تي ڪنهن به قسم جو مالڪاڻو حق حاصل ناهي.
چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ پاران جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنوار جا زيور روڪڻ يا واپس نه ڪرڻ سندس ملڪيتي حقن کان غيرقانوني طور محروم ڪرڻ جي برابر آهي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن زال جا زيور واپس نه ڪيا وڃن ته هوءَ انهن جي واپسي لاءِ فيملي ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهي ٿي.
سپريم ڪورٽ موجب والدين يا ٻين مائٽن پاران شادي جي موقعي تي ڪنوار کي ڏنل سون به ان جي ذاتي ملڪيت هوندو، جڏهن ته شادي دوران ملندڙ برائيڊل گفٽس پڻ ڪنوار جي ذاتي ملڪيت تصور ڪيا ويندا.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فيملي ڪورٽ کي زال جي ذاتي سامان ۽ زيورن بابت ڪيس ٻڌڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي.
سپريم ڪورٽ سون جي زيورن بابت داخل اپيل رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته مڙس يا سس خلاف زيورن جي واپسي لاءِ داخل ڪيل دعويٰ فيملي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جوڳي آهي.


