حيدرآباد (ذاڪر لغاري) نسيم نگر ٿاڻي جي حد فيز ون علي پيلس واري گهٽي ۾ پراڻي دشمني سبب فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ 54 ورهين جو ظهور علي سولنگي قتل ٿي ويو.
اڻڄاتل هٿياربند گهر اندر داخل ٿي مٿس فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ سبب هو ٿڏي تي مارجي ويو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب واقعي جي شروعاتي جاچ موجب معاملو پراڻي دشمني جو لڳي ٿو، وڌيڪ جاچ جاري آهي۔


