خيرپور ڀرسان ڪارنهن جي الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل

1 Min Read

خيرپور: (ويب ڊيسڪ) پيرجوڳوٺ ڀرسان ڳوٺ حافظ اڄڻ ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ هڪ عورت کي مبينا طور سندس مڙس قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب، جوابدار الله بخش مهيسر پنهنجي زال صابره کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو.

واقعي کانپوءِ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment