ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر جي جنازي نماز ۽ آخري رسمن جي سلسلي ۾ تقريبن جي شروعات

3 Min Read

تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ آخري رسمن جي سلسلي ۾ تقريبون شروع ٿي ويون آهن. سندس مڙهه تهران جي ڏاکڻي علائقي ۾ واقع امام خميني حسينيه منتقل ڪيو ويو آهي.

ايراني ذريعن موجب، جنازي نماز ۾ سڄي ملڪ مان لکين ماڻهن جي شرڪت جو امڪان آهي، جڏهن ته مختلف سرڪاري ادارا ۽ انتظاميا سڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مصروف آهن.

ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته جنازي ۾ 2 ڪروڙ ماڻهن جي شرڪت جو امڪان آهي، 10 فوجي اسپتالن ۽ 10 هزار اهلڪارن کي سرگرم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڏيڍ لک اهلڪار پڻ الرٽ رهندا.

پرڏيهي خابرو ادارن موجب، تقريبن جي شروعات تهران جي وڏي مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز امام خميني مصليٰ کان ٿي، جتي هزارين سوڳوارن جي موجودگي ۾ آيت الله علي خامنه اي جو تابوت آندو ويو.

آيت الله علي خامنه اي جي شهادت کانپوءِ سڄي ايران ۾ سوڳ جي فضا آهي، جڏهن ته شهري وڏي انگ ۾ پنهنجي اڳواڻ کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.

ايراني حڪومت 6 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، جيئن عوام جنازي نماز ۽ ٻين سوڳوار تقريبن ۾ شرڪت ڪري سگهي.

حڪومتي ترجمان موجب، 8 جولاءِ تي ملڪ ۾ سوڳ جو ڏهاڙو پڻ ملهايو ويندو، جنهن دوران سرڪاري سطح تي خاص تقريبون ۽ تعزيتي ميڙاڪا منعقد ڪيا ويندا.

جنازي ۽ سوڳوار تقريبن ۾ مختلف ملڪن جا سربراهه، پارلياماني اڳواڻ، پرڏيهي وزير ۽ خاص سرڪاري نمائندا پڻ شرڪت ڪندا.

آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ تدفين جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان مان سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ هڪ وفد تهران پهچي چڪو آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي وفد اڄ تهران روانو ٿيندو.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ تهران پهچي چڪو آهي، جتي سندس ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني آجيان ڪئي.

شيڊول موجب، اڄ کان شروع ٿيندڙ تقريبن جي پڄاڻي 9 جولاءِ تي مشهد ۾ حرم امام رضا ۾ تدفين سان ٿيندي.

Share This Article
Leave a Comment