ممبئي (ويب ڊيسڪ): ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي شهر ممبئي ۾ طوفاني برساتن سبب معمول جي زندگي سخت متاثر ٿي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب 4 ڏينهن دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ لڳ ڀڳ 288 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته وڌيڪ برساتن جو الرٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
تيز برساتن سبب ڪيترائي وڻ ڪري پيا، ڪجهه عمارتن ۽ روڊن کي نقصان پهتو، جڏهن ته ريل گاڏين جي اچ وڃ به متاثر ٿي.
موسميات کاتي پاران ايندڙ ٻن ڏينهن لاءِ وڌيڪ برساتن جو ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.


