خودمختياري ۽ قومي مفادن جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

3 Min Read

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ )  فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 276هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي سلامتي، دهشتگردي، ڪشمير ۽ علائقائي صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ قومي مفادن جو هر قيمت تي تحفظ يقيني بڻايو ويندو.

ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته خطي ۾جٽادار امن ۽ استحڪام ان ڳالهه سان مشروط آهي ته افغان طالبان جي قبضي هيٺ علائقن مان ڀارتي پراڪسين کي روڪيو وڃي. فورم واضح ڪيو ته پاڪستان کي دهشتگردي خلاف پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي.

شرڪت ڪندڙن ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏيندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. فورم والاريل ڪشمير ۾ هڪ طرفي آبادياتي تبديلين واري پاليسي کي به رد ڪندي پاڪستان جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جي عزم کي ورجايو.

ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب سندن ناقابلِ تنسيخ حقِ خوداراديت ڏنو وڃي.

فورم چيو ته پاڪستان پنهنجي جائز پاڻي جي حصي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ضروري قدم کڻندو، جڏهن ته ان حوالي سان قومي سلامتي ڪميٽي جي 24 اپريل 2025 واري هدايت مڪمل رهنمائي فراهم ڪري ٿي.

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس پاڪستان جي علائقائي استحڪام، امن جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ ادا ڪيل تعميري ڪردار کي ساراهيو.

فورم موجب “معرڪه حق” ۾ عبرتناڪ شڪست کانپوءِ دشمن هاڻي هائبرڊ وار فيئر ۽ ڪوڙن بيانين ذريعي ملڪ ۾ بدامني ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر ٻاهرين سهڪار سان انتشار پيدا ڪرڻ جي هر ڪوشش کي سختي سان ناڪام بڻايو ويندو.

شرڪت ڪندڙن ان عزم جو به اظهار ڪيو ته هٿياربند فوجون افغان طالبان جي قبضي هيٺ علائقن مان ٿيندڙ دهشتگردي خلاف انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون جاري رکنديون، جڏهن ته دهشتگردي کان متاثر علائقن ۾ بهترين گورننس جو نظام قائم ڪرڻ کي به ضروري قرار ڏنو ويو.

Share This Article
Leave a Comment