نوشهروفيروز (محمد عادل عباسي) ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو جو سخت نوٽيس وٺندي ٿاڻي ڀريا سٽي جي پوليس اهلڪار عبدالجبار لاکو کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس موجب وڊيو ۾ اهلڪار تي سگريٽ ۾ چرس استعمال ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو. ايس ايس پي اهلڪار کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ سان گڏ سندس خلاف جاچ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته انڪوائري رپورٽ جي بنياد تي قانون ۽ ضابطن موجب وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پوليس کاتي ۾ ڪنهن به قسم جي غيرقانوني يا غيراخلاقي سرگرمي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ عوام جي اعتماد کي برقرار رکڻ لاءِ اهڙن عنصرن خلاف سخت قدم کنيا ويندا.


