گمبٽ (ممتاز ميمڻ) چونڊڪو ويجهو سوراهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ عطاءُالله پهنيار ۾ ٺري ميرواهه واسي نينگر ڪامران جسڪاڻي سان مبينا بدفعلي جو الزام لڳايو ويو آهي.
وارثن جو الزام آهي ته نينگر کي نشو ڏئي پنجن جوابدارن مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سندس هٿ پير ٻڌي واقعي جي وڊيو پڻ رڪارڊ ڪئي، جيڪا بعد ۾ وائرل ٿي وئي. وارثن موجب وڊيو ۾ نينگر سان مبينا بدسلوڪي ۽ تشدد جا منظر نظر اچن ٿا.
نينگر جي چاچي گلاب جسڪاڻي الزام لڳايو آهي ته ڪامران کي بهاني سان گهران وٺي وڃي جوابدارن مبينا بدفعلي ڪئي. هن چيو ته هو غريب آهن، کين خاموش رهڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
ٻئي طرف جوابدار ڌر پاران وارثن سان ميڙ منٿون ڪرڻ جون ڪوششون پڻ جاري هجڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته ڳوٺ جي وڏيري پاران معاملو حل ڪرڻ لاءِ برادري جو ڪٺ گهرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
واقعي جو ايس ايس پي خيرپور ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي سخت نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
خيرپور پوليس موجب، ٻار سان مبينا بدفعلي واري واقعي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي ۽ ايس ايڇ او سوراهه جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن.


