ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ڪابينا هارين لاءِ قانوني طور اجتماعي تنظيمون ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته انهن جي رجسٽريشن لاءِ طريقيڪار پڻ طئي ڪيو ويو آهي.
سنڌ ڪابينا پاران سنڌ فارمرز ايگريڪلچرل ڪليڪٽوز ايڪٽ 2026ع جي اصولي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن تحت هاري قانوني حيثيت رکندڙ گڏيل تنظيمون (ڪليڪٽوز) قائم ڪري سگهندا.
منظور ڪيل تجويز موجب هاري گڏيل طور زرعي مشينري، وسيلن، خريداري، مارڪيٽنگ ۽ سرڪاري سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.
قانون تحت گهٽ ۾ گهٽ 8 هاري، جن وٽ گڏيل طور 50 ايڪڙ زرعي زمين هجي، ڪليڪٽو قائم ڪري سگهندا، جڏهن ته وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته ننڍن هارين، خاص طور تي 5 ايڪڙ کان گهٽ زمين رکندڙ آبادگارن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانون ۾ نئين شق شامل ڪئي وڃي.
وڏي وزير سنڌ ايڪٽ جو طريقيڪار آسان بڻائڻ، واٽر ڪورس تي ڪليڪٽوز لاءِ مقرر حد ختم ڪري مرحليوار ميٽرڪس سسٽم لاڳو ڪرڻ ۽ ننڍن هارين کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
ڪليڪٽوز لاءِ چونڊيل انتظامي ڪميٽي، سالياني آڊٽ، رڪارڊ جي سار سنڀال ۽ زراعت کاتي جي نگراني لازمي هوندي، جڏهن ته رجسٽرڊ تنظيمن کي سرڪاري اسڪيمن، زرعي مشينري ۽ فني سهائتا ۾ ترجيح ڏني ويندي.
سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته تجويز ڪيل قانون جو وڌيڪ جائزو وٺڻ کانپوءِ ذيلي ڪميٽي پنهنجون سفارشون ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪندي.


