ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نيگليريا جو هڪ وڌيڪ ڪيس سامهون آيو آهي، جتي 44 ورهين جي هڪ شهري ۾ نيگليريا جي تصديق ٿي وئي آهي.
اسپتال ذريعن موجب متاثر مريض دماغي انفڪشن ۾ مبتلا آهي ۽ لياقت نيشنل اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس آءِ سي يو ۾ وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.
صحت کاتي موجب هلندڙ سال ڪراچي ۾ نيگليريا جو هي ٽيون رپورٽ ٿيل ڪيس آهي. ان کان اڳ فيبروري ۾ گلشنِ اقبال جي 36 ورهين جي هڪ عورت ۾ پهريون، جڏهن ته 3 جون تي اورنگي ٽائون جي 23 ورهين جي نوجوان ۾ ٻيو ڪيس رپورٽ ٿيو هو.
ماهرن موجب نيگليريا فائولري هڪ خطرناڪ اميبا (Amoeba) آهي، بيڪٽيريا نه، جيڪو گدلاڻ يا ڪلورين کان پاڪ پاڻي مان نڪ ذريعي جسم ۾ داخل ٿيڻ بعد دماغ تائين پهچي انفڪشن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
صحت جي ماهرن شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته وضو يا وهنجڻ دوران صاف ۽ مناسب ڪلورين ملايل پاڻي استعمال ڪن، پاڻي کي نڪ ۾ وڃڻ کان بچائين ۽ احتياطي اپائن تي عمل ڪن.


