جيڪب آباد (حاڪم علي) جيڪب آباد پوليس وفاقي سول حساس اداري جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي قيمتي تاريخي نوادرات جي چوري ۽ اسمگلنگ ۾ مبينا طور ملوث بين الصوبائي اسمگلر کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب جوابدار بلوچستان جي ضلعي جهل مگسي واسي سيد لال شاهه پٽ سردار شاهه کي ممل لنڪ روڊ تان گرفتار ڪيو ويو. ڪارروائي دوران سندس قبضي مان غيرقانوني هٿيار ۽ جاچ لاءِ اهم ثبوت پڻ هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ دوران جوابدار مبينا طور اعتراف ڪيو آهي ته هو پاڪستان جي مختلف تاريخي ماڳن تي موجود قيمتي نوادرات جي سروي ڪري انهن جي چوري ۽ اسمگلنگ ڪندڙ نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل رهيو آهي.
پوليس موجب جوابدار تازو ئي موهن جي دڙي ۾ نمائش لاءِ رکيل قيمتي نوادرات جو جائزو ورتو هو ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏ انهن کي ڦرڻ جو منصوبو تيار ڪيو هو. مبينا طور ڪجهه مقامي ماڻهن کي به ان منصوبي ۾ شامل ڪيو ويو هو ته جيئن نوادرات بلوچستان رستي ملڪ کان ٻاهر اسمگل ڪري سگهجن.
شروعاتي ڄاڻ موجب جوابدار هڪ منظم بين الاقوامي اسمگلنگ نيٽ ورڪ سان مبينا طور ڳنڍيل آهي، جيڪو پاڪستان جي مختلف علائقن مان ناياب تاريخي نوادرات اسمگل ڪرڻ ۾ سرگرم رهيو آهي.
جيڪب آباد پوليس موجب هٿ آيل ثبوتن جي بنياد تي جوابدار جي ٻين ساٿين، سهولتڪارن ۽ اسمگلنگ نيٽ ورڪ خلاف به ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته اها ڪارروائي سي آءِ اي، شاهين فورس، آءِ ٽي برانچ ۽ وفاقي سول حساس اداري جي گڏيل ٽيم ڪئي، جڏهن ته قومي تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ نوادرات جي غيرقانوني اسمگلنگ خلاف بنا فرق ڪارروائيون جاري رهنديون.


