اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگردي کي رياست جي پوري طاقت سان چٿيو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو دورو ڪيو، جتي هن نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس مڪمل ڪندڙ آفيسرن کي خطاب ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، ڪورس ۾ پاڪ فوج، پاڪ بحريه ۽ پاڪ هوائي فوج جي آفيسرن شرڪت ڪئي. فيلڊ مارشل پنهنجي خطاب دوران جنگ جي بدلجندڙ نوعيت تي روشني وڌي ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي صلاحيتن، بلند حوصلن ۽ آپريشنل تيارين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي فيلڊ مارشل چيو ته نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جهڙا ادارا مستقبل جي فوجي ۽ سول قيادت کي جديد ۽ هائبرڊ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته دشمن جي انٽيليجنس ايجنسين جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ پراڪسي عنصرن جون سموريون ڪوششون ناڪام بڻايون وينديون، جڏهن ته سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگردي کي رياست جي پوري طاقت سان چٿـِي ختم ڪيو ويندو.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون دشمن جي انٽيليجنس ايجنسين جي سرگرمين کان مڪمل طور باخبر آهن ۽ ڪنهن به پراڪسي گروهه کي ملڪ جي امن ۽ خوشحالي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته قوم جي مڪمل حمايت سان هٿياربند فوجون دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جا ٺڪاڻا ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ هر قسم جي دهشتگردي جو خاتمو يقيني بڻايو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پيچيده اسٽريٽجڪ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ دور انديشي، مضبوط حڪمت عملي ۽ اداري جي پيشاورانه صلاحيت بنيادي اهميت رکن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته جنگون صرف بيان بازي يا سياسي نعرن سان نه، پر ايمان، اتحاد ۽ نظم و ضبط سان کٽيون وينديون آهن.


