ڪشمور (شير باز کوسو) ڪشمور جي 45 آر ڊي ڀرسان بيگاري ڪئنال ۾ ٻڏي ويل 30 ورهين جي پورهيت نياز لاشاري جو لاش 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ بعد ڳوٺ رمضان کوسو ڀرسان هٿ اچي ويو.
مقامي ذريعن موجب هڪ ڳوٺاڻي پاڻي ۾ لاش ڏسي وارثن کي اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ وارث ۽ علائقي واسي پهچي لاش کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍيو.
بعد ۾ لاش اباڻي ڳوٺ منتقل ڪيو ويو، جتي سوڳ واري فضا ڇانيل آهي ۽ علائقي جا ماڻهو وارثن سان تعزيت لاءِ پهچي رهيا آهن.
واضح رهي ته نياز لاشاري گذريل ڏينهن بيگاري ڪئنال ۾ ٻڏي ويو هو، جنهن کانپوءِ سندس لاش جي ڳولا هڪ ڏينهن کان وڌيڪ جاري رهي.


