ميهڙ ڀرسان ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان فائرنگ، امِ رباب چانڊيو جو مائٽ قتل

1 Min Read

دادو (اي بي خشڪ) ميهڙ جي علائقي ڳوٺ ڊرٻ ڪوڙو ۾ چانڊيو برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي زميني تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان رياض چانڊيو مارجي ويو.

اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب مارجي ويل جو مرتضيٰ چانڊيو ڌر سان پراڻو زميني تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان فريد آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقعو پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن امِ رباب چانڊيو پنهنجي بيان ۾ الزام لڳايو آهي ته ٽيڻي قتل ڪيس مان آزاد ٿيندڙ جوابدارن ٻنيءَ تي هلندڙ ٽريڪٽر تي حملو ڪري رياض چانڊيو کي قتل ڪيو.

امِ رباب چانڊيو چيو ته جوابدارن اسان جو وڏو نقصان ڪيو آهي، هاڻي ڏسڻو آهي ته قانون ڇا ٿو ڪري. هن حڪومت ۽ سنڌ پوليس کان انصاف ۽ ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment