وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

 پيٽروليم ڊويزن موجب، پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 13 رپيا 18 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 13 رپيا 80 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي.

واڌ کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 310 رپيا 71 پئسا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 323 رپيا 30 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

پيٽروليم ڊويزن موجب، نيون قيمتون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويون آهن.

Share This Article
Leave a Comment